اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي، آبادگ??رن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. زي??اع??م ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م چيو ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ربيع سيزن جي لاءِ فصل جي پيداوار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي، ان لاءِ آبادگ??رن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزي??اع??م چيو ته آبادگار پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون متعارف ڪرايون آهن. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته يوريا جي کوٽ بابت افواهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ موثر عوامي آگ??هي مهم هلائي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران اٽڪل 19 هزار ميٽرڪ ٽن روزانو ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو ۽ وڌيڪ هزار ميٽرڪ ٽن روزانو اضافو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪابينا چين کان هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي درآمد جي منظوري موجوده عالمي مارڪيٽ ريٽ کان اٽڪل اڌ قيمت تي ڏني آهي. اسمگلنگ جي خاتمي جي قدمن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون يوريا جون 92 هزار 845 ٻوريون ضبط ڪيون آهن، جيڪي اسمگل ڪيون پئي ويون. صنعت واري وزارت ۾ هڪ فعال مانيٽرنگ سيل ڀاڻ جي صورتحال جي نگراني ڪري رهيو آهي ۽ ان يوريا جو پتو لڳائڻ ۽ قيمتن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، مخدوم خسرو بختيار ۽ سيد فخر امام، ملڪتي وزير فرخ حبيب، ڊاڪٽر شهباز گل، فرٽيلائيزر مينوفيڪچرنگ ڪمپنين جي ايگزيڪيوٽو ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.