اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ چين جي دوري جي حوا??ي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، حماد اظهر، شوڪت ترين، چوڌري فواد ??سي??، اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، سي پيڪ بابت خاص معاون خالد منصور ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيرا??ظم جي چين جي دوري جي دوران سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ روانگي واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس منصوبن تي چيني عملدارن سان جاري ڳالهه ٻولهه تي بريفنگ ڏني وئي.