اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڦورو ٽولو ست رڇين جُون دعوتون اڏائي رهيو آ??ي، عمران خان جي ڪري انهن جون ملاقاتون ٿي رهيون آهن، ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي ر??ي، انهن جي ڪهڙي گڏيل ايجنڊا آهي پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ان ۾ ڪجهه آهي؟ او آءِ سي جو اج??اس ٿيڻ وڃي رهيو آ??ي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته انهن کي ذاتي سلامتي يا ملڪي سلامتي عزيز آ??ي، اسان کي لانگ مارچ احتجاج کان ڪو خوف نه آ??ي، ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آء?? اي ۾ شهباز شريف جو ڪيس هلي رهيو آ??ي، پنهنجي ساڍا ٽي سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون، سي اي سي وزيراعظم کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) اج??اس جي صدارت ڪئي. اج??اس ۾ سڀني صدرن پنهنجي ڪارڪردگي جون رپورٽون پيش ڪيون آهن. هن چيو ته پارٽي جي تنظيم سازي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پارٽي صدرن کي 15 ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏني وئي آهي. پارٽي جو مستقل پارلياماني بورڊ ٺاهيو ويو آهي. اج??اس ۾ وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي، پارليامينٽ جا ميمبر ۽ پارٽي ڪارڪنن جي خواهش آهي ته وزيراعظم عوام ۾ اچي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ ترجيحون شيئر ڪري. هن چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن سياسي جدوجهد ۾ وڏا وڏا عوامي ميڙ ڪيا آهن. ضلعن جي سطح تي پارٽي ورڪرز ڪنوينشن ڪيا ويندا. وزيراعظم عمران خان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته 9 فيبروري تي وزيراعظم فيص?? آباد جو دورو ڪندو، جتي هو هيلٿ ڪارڊ جي شروعات ڪندو، جنهن سان ضرورتمند مريض پنهنجو علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي 10 لک رپين تائين مفت علاج ڪرايو ويندو، جنهن جو بار حڪومت برداشت ڪندي. پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم سڌوسنئون عوام کي فائدو پهچايو آهي. هن چيو ته 31 مارچ تائين پنجاب جي 100 سيڪڙو آبادي صحت ڪارڊ مان فائدو کڻندي. پنجاب حڪومت 450 ارب ان منصوبي جي لاءِ رکيا آهن. سي اي سي وزيراعظم کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته جتي ملڪي سلامتي جي ڳالهه هجي ته بغض ۽ حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي چوندا هئا ته سي پ??ڪ منصوبو سست ٿي ويو آ??ي، انهن کي بري طرح ناڪامي ٿي آ??ي، هن دوري سان پاڪ چين لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا. سڌوسنئون سيڙپڪاري ايندي، سڌوسنئون فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته ڪڏهن هڪ ٻئي کي گهلڻ جي ڳالهه ٿيندي هئي، اڄ اهي ملاقاتون ڪندا ۽ دعوائون اڏائيندا ڏسڻ اچڻ ٿا، انهن جي گڏيل ايجنڊا آ??ي، جنهن ۾ پاڪستان يا عوام جي مفاد لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته او آءِ سي جو اج??اس ٿيڻ وڃي رهيو آ??ي، اهڙي موقعي تي لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته پنهنجي ذاتي سلامتي عزيز آهي يا ملڪي سلامتي عزيز آهي. اسان کي لانگ مارچ احتجاج جو ڪو خوف نه آهي. هن چيو ته ساڍا 7 ارب جو شهباز شريف جو نيب وٽ جڏهن ته 16 ارب جو ايف آء?? اي ۾ شهباز جو ڪيس هلي رهيو آهي. هن چيو ته لاهور پي ڊي ايم کان ٽائين ٽائين فش فش ٿي وئي هئي. پنهنجي ساڍا 3 سالا ڪارڪردگي عوام آڏو کڻي وڃي رهيا آهيون.