اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شاگرد علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، ملڪ ۾ روايتي تعليم سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جو فروغ ضروري آهي، ڪيريئر ڪونسلنگ جي حوالي سان تقريبن جو انعقاد پاڪستان جي هر صوبي ۽ هر اسڪول ۾ هجڻ گهرجي، نوجوان ڪيرييئر جي چونڊ ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکن، آءِ ٽي مان ??وجوانن لاءِ روزگار جا نوان ??وقعا پيدا ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنه سينٽر ۾ تعليم واري وفاقي و??ارت جي اهتمام هيٺ ڪيريئر ڪونسلنگ جي حوالي سان ??نعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني، ايڊيشنل سيڪٽري محي الدين واني، مختلف يونيورسٽين جي و??ئنس چانسلرز سميت تعليمي ماهر ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي ماتحت اسلام آباد جي مختلف تعليمي ادا??ن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ان اهم تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي، هن تقريب جي انعقاد تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي و??ير جو ٿورو ادا ڪيو، صدر چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي و??ارت شاگردن جي ڪونسلنگ لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي، اهڙا پروگرام ملڪ جي سمورن صوبن ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ ان جو دائرو وڌائڻ گهرجي. ماضي ۾ ڪيريئر ڪونسلنگ نه هئي، ان ??اءِ ماضي ۾ ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ شاگرد ڊاڪٽري جو پيشو اختيار ڪري و??تو ۽ ملڪ ۾ اسپتالن جي کوٽ ۽ روزگار جي موقعن جي عدم موجودگي جي ڪري اهي ٻاهرين ملڪ هليا ويا، صدر شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پاڪستان جو مستقبل آهن، ان ??اءِ هو علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، علم جتان کان به ملي ان کي حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻين تائين پيغام پهچائڻ لاءِ ڪميونيڪيشن اسڪلز وڏي اهميت رکندڙ آهي، سچائي جو دامن نه ڇڏيو وڃي ته دنيا جي هر ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، صدر چيو ته ملڪ ۾ لکين ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪيريئر جي چونڊ ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، دنيا کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، اڄ عورتون گهر ويٺي انٽرنيٽ جي ذريعي لکين روپيا ڪمائي رهيون آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي سان ??وجوانن لاءِ روزگار جا نوان ??وقعا پيدا ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ٽيڪنالاجي پاڪستان جي نوجوانن لاءِ به رستا کولي ڇڏيا آهن، پاڪستان کي نوجوان آبادي مان ??ائدو ??ڻڻ گهرجي. دنيا کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي سخت ضرورت آهي. صدر شاگردن کي چيو ته هو اخلاقي تربيت تي پنهنجو ڌيان ڏين، استادن جو احترام ڪن ۽ پنهنجي و??لدين جا ٿورائتا رهن جنهن کين پاليو ۽ انهن جي تربيت ڪئي آهي. هن چيو ته شاگردن کي معاشري ۾ همدردي جو جذبو به رکڻ گهرجي، صدر چيو ته پاڪستان جنهن انداز سان ترقي ڪري رهيو آهي ان جي نتيجي ۾ هو جلد هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجندو، اسان سڀني جي ذميداري آهي ته تعليم کي فروغ ڏنو وڃي، نوجوان ??سل ملڪ کي ترقي ڪندو ??سندو. هن چيو ته فيڪ نيوز سان سڀ کان ??ڌيڪ خطرو نوجوانن کي آهي، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني پنهنجي خطاب ۾ تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته تعليم سميت ملڪ جي هر شعبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ٿي آهي، دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، شاگردن جي ڪيريئر ڪونسلنگ جي لاءِ 70 کان ??ڌيڪ ادارن ايڪسپو ۾ اسٽال لڳايا آهن، هن چيو ته شاگردن کي فيصلاسازي ڪندي احتياط ڪرڻو پوندو.