لاهور – 15 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آ??ي ته حڪومتي ۽ ان??ظا??ي معاملن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ڪنهن به معاشري جي تباهي جو سبب هوندو آهي، حڪومت ڪرپشن جي خاتمي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي، قومون تڏهن ئي ترقي ڪنديون آهن جڏهن انهن جا ادارا ??ير??انبدار ٿي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ٿا، سسٽم جي بهتري جي لاءِ هر شخص کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، بطور سول سرونٽس توهان جا دروازا عوام جي لاءِ سدائين کليل هجڻ گهرجن ته جيئن انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، عدم برداشت جي ڪلچر کي ختم ڪري معاف ڪرڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻو پوندو، حڪومت عورتن کي حق ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سول سروسز اڪيڊمي والٽن ۾ 49 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر 49 هين ڪامن ٽريننگ پروگرام ۾ پاس ٿيندڙ آفيسرن کي مخاطب ڪندي چيو ته آئون پاس آئوٽ ٿيندڙ سمورن آفيسرز خاص طور تي انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو جن توهان جي تربيت ڪئي ۽ توهان کي ان قابل بڻايو جو اڄ توهان پنه??جي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا آهيو، تعليم جي حقيقت پنه??جي جڳهه تي مڃيل آهي جيڪا ڪاميابي جي سيڙهي چڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿي پر تعليم سان گڏ توهان کي حقيقي تربيت پنه??جي گهر کان ۽ انهي جڳهه تان ملي آهي، زندگي جي هر دور ۾ ماڻهو سکي ٿو ۽ سدائين سکڻ جي خواهش رهڻ گهرجي. ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو ته توهان جو اصل امتحان عملي زندگي ۾ شروع ٿيندو جتي توهان کي ثابت قدم رهي پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان پوري ايمانداري سان ادا ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته عوام کي سياستدانن مان تمام گهڻيون اميدون واڳيل هونديون آهن ڇو ته اهي انهن کي چونڊين ٿا پر جيڪي پاليسيون حڪومتي نمائندا جوڙين ٿا انهن پاليسين تي عملدرآمد جي ذميواري توهان ماڻهن تي هوندي آهي.