اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد خان چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ اڄ جمعي تي مانسهره ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندو. خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فيصل جاويد خان چيو ته مخالف ڌر جو بي اعتمادي رٿ آڻڻ تي ٿورو ادا ڪريون ٿا، منڊي بهاوالدي??، ميلسي، دير، حافظ آباد، سوات، درگئي جي ڪامياب جلسن کانپوءِ هاڻي مانسهره جو وارو آهي، ??زيراعظم اڄ جمعي تي عوامي رابطا مهم تحت مانسهره، هزاره ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندو. عوام کي وزيراعظ?? تي ڀرپور اعتماد آهي.