بيجنگ – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير م??دوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين پهچي ويو. پرڏيهي س??ڪريٽري س??يل محمود ۽ افعانستان بابت خصوصي نمائندو ايمبيسڊر م??مد صادق پڻ پرڏيهي وزير سان ??ڏ آهن. ه??ان?? شن عالمي ايئرپورٽ پهچڻ تي چين ۾ مقرر پاڪستاني س??ير م??ين الحق ۽ چيني پرڏيهي وزارت جي س??نيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ??ئي. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پنهنجي اهم خطاب ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏ??ل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندو. چين ۾ منعقد افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير چين، روس، ايران ۽ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.