اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي ??هش??گردن جي حملي ۾ جاني نقصان تي چيني عملد??رن سان تعزيت جي اظهار لاءِ هتي چين جي سفارتخاني ويو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به ساڻس گڏ هئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نسل در نسل وفائن جو هڪ سلسلو آهي، ??هش??گردن پاڪ چين دوستي جي اساس تي ضرب لڳائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??هش??گردن جا ناپاڪ ارادا، پاڪ چين دوستي کي سبوتاز نٿا ڪري سگهن، پرڏيهي وزير چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قل??بند ڪيا.