اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) موسمياتي تبديلي وار?? وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سنڌ ۾ پاڻيءَ جي بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي 60 سيڪڙو کوٽ انتهائي خطرناڪ آهي، پاڻي جي بچت ۽ منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻا??ڻو پوندو. موسمياتي تبديلي واري وزارت مان جاري بيا?? ۾ ??فاقي وزير چيو ته سنڌ ۾ بئراجن ۽ـ شاخ?? ۾ ??اڻيءَ جي 52 کان 62 س??ڪڙو کوٽ سبب آبادي، زراعت ۽ چوپائي مال لاءِ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن کي پاڻي نه ملي رهيو آهي. شيري رحمان چيو ته هن وقت ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي هئڻ گهرجي ها پر 2 هزار ڪيوسڪ کان به گهٽ ڇڏيو پيو وڃي، پاڻي جي ان شديد کوٽ سبب سنڌ ۾ وونئڻن ۽ سارين جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هيٽ ويو ۽ شديد گرمي جي ان موسم ۾ سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب ??ي علائق?? ۾ ??اڻيءَ جي کوٽ تي ڳڻتي آهي. گڏيل قومن مطابق 2025ع تائين پاڪستان سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. شيري رحمان چيو ته پاڻي جي 1991ع جي معاهدي مطابق منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، اسان کي پاڻي جي بچت ۽ صوبن و?? ۾ ??نصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻا??ڻو پوندو.