اسلام آ??اد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب سينئر صحافي شبير حسين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شبير حسين جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو، ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندان سان برابر جا شريڪ آهيون. مر??م اورنگزيب چيو ته مرح??م شبير حسين جي صحافت جي شعبي ۾ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرم??ئي.