اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت آهي، پولان ??وادر منصوبي جي ذريعي ايران سان اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ??شميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ پنهنجي امنگن موجب خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا، افغان عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ايران جي سفير سيد علي محمد حسيني سان ??الهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم بلوچستان ۾ ٻيلن جي باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ايران جي وقت سر مدد تي ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اهو اسان جي ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻي لاڳ??پن جو ثبوت آهي، وزيراعظم ايراني قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل جاگرافي، گڏيل ورثي ۽ عوام کان عوام جي رابطي تي ٻڌل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳ??پن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ان ??الهه تي به زور ڏنو ته اسان جا تاريخي لاڳ??پن جي پيش نظر هن سال سفارتي لاڳ??پن جي قيام جي 75 هين سالگرهه ٻنهي ملڪن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ گهرجي، وزيراعظم ان ??الهه تي زور ڏنو ته واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي شعبن ۾ موجود وسيع گنجائش جي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولي فائدو کڻڻ گهرجي، هن پولان ??وادر منصوبي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن جي ذريعي ايران ??ان پاڪستان ??ي اضافي 100 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف ڪشمير مسئلي تي ايران ۽ خاص طور تي سپريم ليڊر طرفان ??شمير مسئلي تي مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري جي مسلسل حمايت سان ??شميري عوام گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ان جي پنهنجي خواهشن موجب پنهنجو خودمختياري وارو حق حاصل ڪندا. افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي صورتحال جي خرابي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته افغانستان جي عوام کي منجمند اثاثن تائين پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان جي صورتحال تي بنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ساراهيو، ايران جي سفير سيد علي محمد حسيني وزيراعظم شهباز شريف جي منصب سنڀالڻ تي ايراني قيادت پاران مبارڪباد ڏني ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، هن افغانستان سميت اه?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي مشاورت کي به اجاگر ڪيو، اعليٰ سطحي دورن جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف ايراني قيادت کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.