اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائي?? جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلندي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري اهڙا عملي قدم کڻي، جنهن سان ڀارت کي ڪشميرين جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني قدم واپس وٺ?? لاءِ مجبور ڪيو وڃي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۽ آبادي جي تناسب ۾ غيرقانوني تبديلي، جاري ڀارتي فوجي گ??يراءُ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي ڏس ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي بهادر عوام جي ڀارتي غاصباڻي قبضي جي خلاف امن جي جدوجهد ۾ ان سان گڏ بيهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان حوالي سان پ??هنجي پيغام ۾ هن چيو ته عدل، انصاف ۽ انساني وقار جي سربلندي لاءِ ضروري آهي ته عالمي برادري اهڙا عملي قدم کڻي جنهن سان ڀارت کي ڪشميرين جي خلاف پنهنجا موجوده غيرقانوني قدم واپس وٺ?? لاءِ مجبور ڪيو وڃي. ڀارت کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته هر ڪشميري جي شهادت ۽ هر گهر جي تباهي سان ڪشميرين جي ڀارتي قبضي مان آزادي جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملندي. ايئر چيف چيو ته اسان سدائين پ??هنجي ڪشميري ڀائرن جي حقيقي آزادي جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين.