پشاور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخ??اه?? جي وڏي وزير جي روينيو واري خصوصي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خيبرپختونخ??اه?? جي وڏي وزير جي ايڪسائيز ٽيڪسيشن واري صلاحڪار خليل الرحمان چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت زبردستي ڪشمير جو اسٽيٽس تبديل ڪري غيرمنصفاڻي ۽ بزدلاڻي فعل جو ثبوت ڏن??، اهو عمل ڀارت جي خطي ۾ امن جي خرابي لاءِ ناپاڪ ڏوهن جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار خيبرپختونخ??اه?? جي وڏي وزير جي روينيو واري خصوصي معاون تاج محمد خان ترند ۽ خيبرپختونخ??اه?? جي وڏي وزير جي ايڪسائيز ٽيڪسيشن واري صلاحڪار خليل الرحمان ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هنن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڀارت کي ڪڌن ارادم ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، 5 آگسٽ جي ڪاري ڏينهن کي پاڪستاني عوام ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙي طور ملهائي رهي آهي. هن چيو ته چيئرمين عمران خان ڪشمير جي آزادي جي لاءِ هر عالمي فورم تي آواز اٿاريو، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ رهندو.