اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي تعا??ن تنظيم (او آءِ سي) عالمي برا??ري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب والار??ل ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس ق??م کڻي. او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال مڪمل ٿي ويا آهن، ان دوران ڀارت والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين سميت وڏي پئماني تي غيرقانوني ق??م کنيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جا غيرقانوني قدم نه ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي متاثر ڪري سگهن ٿا. جنرل سيڪريٽريٽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي سربراهي اجلاس ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي قراردادن جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي انهن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ ۾ او آءِ سي جي يڪجهتي کي ورجايو. بيان ۾ ڪشميرين جي ??ني??دي آزادين ۽ ??ني??دي انساني حقن جي احترام ۽ 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ ڪيل سمورن غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جنرل سيڪريٽريٽ عالمي برا??ري کان مطالبو ڪي وآهي ته اها گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ٺوس ق??م کڻي.