اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه هن وقت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ??وڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو و??ي رهي آهي. نلتر وادي ۾ پاڪ فضائيه طرفان رليف ۽ بحالي جو ڪم به زورن تي آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان م??جب پاڪ فضائيه جي ايئر موبلٽي ڪمانڊ هيلي ڪاپٽرز ۽ سي 130 جهازن جي 89 اڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر انهن علائقن تائين امدادي ??امان پهچايو و??و جنهن تائين زميني رستن ۾ پهچڻ مشڪل هو. انساني همدردي ??حت پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پڪل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي شين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون بوتلون ورهايون آهن. هن وقت تائين پاڪ فضائيه طرفان 16 ٽينٽ سٽيز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي ??راهمي کانسواءِ 14822 مريضن جو پاڪ فضائيه جون م??ڊيڪل ٽيمون م??ت طبي معائنو ڪري رهيون آهن، پاڪ فضائيه جون امدادي ڪارروايون اڃان تائين جاري آهن.