نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين ا??لاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ پاڪستاني قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين ا??ليٰ عملدارن ??زي??اعظم جي آجيان ڪئي. هو ملڪه برطانيا ايلزبيٿ ٻه جي آخري رسمن شرڪت کانپوءِ برطانيا کان نيويارڪ پهتو. نيويارڪ مان اي پي پي جي نمائندي موجب ??زي??اعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. هو فرانس ۽ اسپين جي صدرن ۽ آسٽريليا جي چانسلرن سان ملاقاتون ڪندو. ??زي??اعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ۽ عالمي فضائي تحفظ جي حوالي سان سينيگال جي صدر ۽ آفريقي يونين جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت به ايجنڊا ۾ شامل آهي. ??زي??اعظم شهباز شريف اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپاس سان ملاقات ڪندو. ??زي??اعظم ترڪ صد?? رجب طيب اردوان ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سان پڻ ملاقات ڪندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر سابا ڪوروسي سان به ملاقات ڪندو ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪندو. ??زي??اعظم فن لينڊ جي صدر رسائو لي ني نيستو سان ملاقات ڪندو ۽ ترڪ صدر ۽ ان جي گهرواريءَ جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. مائيڪرو سافٽ جي باني ??ل گيٽس، گڏيل قومن جي سربراهه، چين جي صدر ۽ جاپان جي ??زي??اعظم سان ملاقاتون به ??زي??اعظم جي ايجنڊا ۾ شامل آهن. ??زي??اعظم شهباز شريف لڪسمبرگ جي ??زي??اعظم زاويئر بيٽل ۽ ملائيشيا جي ??زي??اعظم اسماعيل صابري يعقوب سان به ملاقات ڪندو. ??زي??اعظم عالمي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو. ??زي??اعظم شهباز شريف 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.