اس??ام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳوڻي ڪنوينر محمد فاروق رحماني چيو ??هي ته 27 آڪٽوبر 1947ع حقيقت ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن ??هي جڏهن ڀ??رت ڀ??رت جي ورڇ جي منصوبي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي خودمختياري جي سراسر خلاف ورزي ڪندي جعلي الحاق جي آڙ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي فوج چاڙهي هئي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب محمد فاروق رحماني اس??ام آباد مان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر کي ڀ??رت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ۽ آئيني ضمانتن جي منسوخي جي خلاف مزاحمت جي پس منظر ۾ پوري والاريل علائقي ۾ ڪاري ڏينهن طو?? ملهايو ويندو. هن چيو ته ڀ??رت والاريل علائقي مان فوجي انخلا کان انڪار ڪري گڏيل قومن جي ريفرنڊم جي منصوبي تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون آهن. گذريل ٽن سالن دوران بي جي پي جي هندوتوا حڪومت والارل علائقي جي مسلم اڪثريتي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ وڏي ڀارتي قانونن جي دائري کي ڪشمير تائين سگهه ڏئي ڇڏي آهي. صحافت جي آزادي، اظهار راءِ جي آزادي ۽ انٽرنيٽ سميت سمورين آزادين ۽ بنيادي حقن تي پابندي لاڳو ??هي جڏهن ته هزارين ڪشميري جيلن ۾ قيد آهن ۽ حريت اڳواڻن کي حراست دوران شهيد ڪيو پيو وڃي.