اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ واپار جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن، سي پيڪ پاڪس??ان جي لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي، چين جي تعاون سان اسان پنهنجو روانگي واپار وڌائي سگهون ٿا، اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ زرعي صنعتن سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو. چين جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان چائنا بزنس اينڊ انويسٽميمنٽ فورم جي تقريب کي خطاب ??ند?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته پهرين پاڪس??ان چائنا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏي ٿو ۽ پراميد آهيان ته هي فورم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ??ند??. وزيراعظم چيو ته هو اڱاري ڏينهن چين جي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، جتي چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي چيانگ ۽ ٻين چيني عملدارن سان واپاري، اسٽريٽجڪ ۽ ثقافتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعميري ۽ فائديمند ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري لاڳاپن جي حوالي سان سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي، سي پيڪ تحت چين پاڪس??ان ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. چيني سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ پاڪس??ان ۾ توانائي جي بحران جو خاتمو ٿيو. پاڪس??ان جي صنعت ۽ زراعت جي شعبي ۾ به چيني سيڙپڪاري جي ڪري بهتري اچي رهي آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ٻئي ملڪ پنهنجي ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائين. ان سان سي پيڪ جا فائدا وڌندا ۽ پاڻ ۾ ڪاروباري رابطن کي پڻ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ گڏيل واپار جا ڪيترائي ام??ان موجود آهن. چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت ۽ پاڪس??ان ۾ سڀ کان وڏو سيڙپڪار ملڪ آهي. پاڪس??ان کي به چين کي پنهنجو روانگي واپار وڌائڻ جي ضرورت آهي. چين جي هائي ٽيڪ پاڪس??ان جي اقتصادي زونز ۾ پنهنجون صنعتون لڳائي. ڇو ته پاڪس??ان ۾ افرادي قوت سستي آهي ۽ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي لاءِ هتي برابر موقعا هوندا. هو پنهنجي پيداوار وڌائي دنيا کي برآمد ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۾ زراعت جي شعبي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ اسان چين جي تجربي مان فائدو کڻي سگهون ٿا. ڳوٺاڻن علائقن ۾ زراعت تي ٻڌل صنعتون لڳڻ سان وچ اوڀر ۽ ٻين ملڪن جي لاءِ برآمدات وڌائي سگهجي ٿي. چين جي لاءِ برآمدات ۾ اضافو اسان جي ترجيح آهي. ٻئي ملڪ سيڙپڪارن جي لاءِ واپار جا بهترين موقعا پيدا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين جي لاءِ برابر موقعن سان انهن جي پيداواري صلاحيت ۾ به بهتري ايندي. چين جي حڪومت 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي لڪير مان ڪڍيو آهي. اسان کي چين جي ترقي جي ماڊل مان فائدو کڻڻ گهرجي ۽ ان تي پوري طرح عمل ڪرڻو پوندو. منهنجي چين جي دوري سان ٻطرفن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي مقصد ۾ اڳڀرائي ٿيندي. وقت ڪنهن جو انتظار نه ٿو ڪري، اسان کي دستياب موقعن مان فائدو کڻڻو پوندو. چين جي حڪومت ۽ عوام هر مشڪل وقت ۾ پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو آهي. جنهن تي ان جو ٿورائتو آهيان. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چين ڀرپور امداد ڪئي ۽ بيجنگ ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ ايئر برج قائم ڪيو آهي. ٽينٽ، خوراڪ ۽ ميڊيڪل ٽيمون هتي موڪليون. چيني حڪومت، ڪمپنين، عوام ۽ انفرادي سطح تي ٻوڏ متاثرين جي مدد سان ٻنهي ملڪن جي مضبوط دوستي جي عڪاسي ٿئي ٿي. ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪس??ان ۽ چين اسٽريٽجڪ حصيدار آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا جيو پوليٽڪس مان جيو اڪنامڪس طرف وڌي رهيا آهن، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي سان صنعتي سرگرميون وڌنديون ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو، پاڪ چائنا بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم جي ويب سائيٽ سان سيڙپڪاري جي لاءِ معلومات ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته چين ۽ پاڪس??ان آئرن برادرز آهن ۽ اسان کي پنهنجي انهن لاڳاپن کي مضبوط حصيداري ۾ تبديل ڪرڻو آهي، سي پيڪ جي ڪري 2013ع کانپوءِ ٽن سالن ۾ چين پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ملڪن مان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، هاڻي اسان کي چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جو هدف ٻيهر حاصل ڪرڻو پوندو، چين روانگي واپار وڌائڻ ۾ پاڪس??ان جي مدد ڪري سگهي ٿو، اسان کي چين جي لاءِ به پنهنجو روانگي واپار وڌائڻو پوندو، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ۽ روڊ بلاڪس ختم ڪرڻا پوندا، ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ چين جا ٿورائتا آهيون. پاڪس??ان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ان موقعي تي چيو ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، چين جي صدر ۽ وزيراعظم پاڪس??ان جي صدر ۽ وزيراعظم جي لاءِ همدردي جو پيغام موڪليو آهي ۽ 644 ملين يوآن جو امدادي سامان موڪليو آهي. ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، سي پيڪ جي پهرين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ روڊن جي منصوبي تي ڪم جي شروعات ٿي، هاڻي سي پيڪ اڳئين مرحلي ۾د اخل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ زراعت ۽ صنعتي سرگرمين جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي رابطن کي فروغ ملندو، هي دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.