اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان اي پي ايس سانحي کي ناهيون وساري سگهيا، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، معصوم ٻارن تي حملو ڪري ا??هن کي شهيد ڪيو، ان ڏي??هن کي ياد ڪري ڪير به پنهنجي ڳوڙها روڪي نه ٿو سگهي. اي پي ايس سانحي جي شهيدن ج?? اٺين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اي پي ايس سانحي جي شهيدن پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏي??هن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان ??اڪ??تان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ ا??هن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.