اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ??هشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قوم جون ڪوششون جاري رهنديون. صدر ??لعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪارروائي تي پاڪستان آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج ع??يد?? پيش ڪيو. هن شهيد صوبيدار شجاع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو ڏيڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر ??هيدن جي پونئيرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظه??ر ڪيو ۽ دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ شهيدن جا درجا ب??ند فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.