اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته ملڪ کي درپيش اقتصادي مشڪلاتن جي ڏس ۾ قيادت ک?? پاڻ پنهنجو مثال پيش ڪندي ڪفايت شعاري جي قدمن ذريعي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ عوام تي پوندڙ بار ک?? پاڻ ئي کڻڻ اسان جي حڪومت جي سُڃاڻپ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ اجتماعي ڪوششن جي ذريعي ئي موجوده بحراني ڪيفيت مان نڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪفايت شعاري جا قدم ??نه?? جي شروعات ڪابينا ميمبرن جي پنهنجي پگهارن ۽ مراعتن تان رضاڪاراڻي دستبردار سان ٿي رهي آهي، ??نه?? جي ذريعي قومي ناڻي کي ساليانو 200 ارب رپين جي بچت ٿيندي. وزيراعظم اتحاد?? پارٽين جو ان سلسلي ۾ ح??ايت تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو ڪفايت شعاري جي قدمن تي عملدرآمد ج?? پاڻ نگراني ڪندو.