اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تعليم?? زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ ت??او?? تي زور ڏي??دي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ انهن شعبن ۾ ت??او?? کي فروغ ڏيڻ جي وڏي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيليفورنيا جي رياستي اسيمبلي جي وفد سان ڳالهائي??دي ڪيو جنهن ڪرس هولڊن جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر وفد جي آجيان ڪ??دي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻا ۽ وسيع البنياد لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن 9 جنوري 2023ع تي پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ سسٽر اسٽيٽ ريزوليوشن تي صحيحون ڪرڻ کي ساراهي??دي چيو ته پنجاب ۾ آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي راغب ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وفد جو دورو پنجاب ۽ ڪيليفورنيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ ٻين اسيمبلي ميمبرن کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. صدر ٻنهي ملڪن جي يونيورسٽين جي وچ ۾ ت??او?? کي وڌائڻ ۽ شاگردن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جا موقعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏن??. تعليم جي شعبي ۾ ت??او?? جي اهميت کي اجاگر ڪ??دي صدر تجويز ڏن?? ته آمريڪي يونيورسٽيون پاڪستاني شاگردن کي لائيو ليڪچر فراهم ڪري سگهن ٿيون. هن عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وڌي. هن وفد کي بيگم ثمينه علوي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو جيڪا پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. آمريڪي وفد زراعت جي شعبي بابت ٽيڪنالاجي جي منتقلي سميت زراعت جي شعبي ۾ ت??او?? وڌائڻ سان گڏوگڏ تعليمي شعبي ۾ ت??او?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا جي پروگرامن تي پڻ زور ڏن??. وفد موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏن??. وفد اهو به ٻڌايو ته ڪيليفورنيا ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي ان جي ٽرانسپورٽ ۽ زراعت جي شعبن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.