اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگ??ائ??زر مريم نواز شريف اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي گوجرانوالا رواني ٿيندي، جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. تنظيمي ڪنوينشن غلام حسين پارڪ جي ٽي روڊ گوجرانوالا ۾ ٿيندو. جاري بيان ۾ مريم اورن??زي?? چيو ته مريم نواز شريف جي صدارت ۾ سڀاڻي ڇنڇر ??ينهن گوجرانوالا ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم نواز شريف سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز شريف پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اس??ام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا ۽ بهاولپور ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.