اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته پوري ??وم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پ??ڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر 8 اپريل تي ڏکڻ وزير??تا?? ۾ شهادت ماڻيندڙ نائيڪ فضل جانان جي وارثن سان رابطو ڪيو. هن 8 اپريل تي خيبر باڙه ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ نذيرالله محسود ۽ نائب صوبيدار حضرت گل جي پونئيرن سان پڻ فون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 5 اپريل تي ڏکڻ وزير??تا?? ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي حامد رسول جي ڀاءُ سان پڻ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي دهشتگردن جي خلاف جنگ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته پوري ??وم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ متحد آهي. صدر چيو ته پوري ??وم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي سلام پيش ڪري ??ي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ قوم پاران شهيدن جي خان??ان?? جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.