اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي زوب ۾ جماعت اسل??مي جي قافلي تي خودڪش حملي تي جماعت اسل??مي جي امير سراج الحق کي ٽيليفون ڪئي ۽ نيڪ خواهشن ۽ دعائن جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پ??يس ونگ موجب صدر ڊا??ٽر عارف علوي جماعت اسل??مي جي امير سراج الحق سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خيريت معلوم ڪئي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي ته سراج الحق خودڪش ڌماڪي ۾ محفوظ رهيو، آئون ان واقعي جي مذمت ڪريان ٿو، شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ ۽ زخمين ج?? جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان.