اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نظريه پاڪستان عمران نيازي جي ن??پاڪ ۽ خودغرضي تي ٻڌل ارادن کان ڪيترئي ڀيرا معتبر ۽ سگهارو آهي، انشاءَ الله عمران نيازي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڌسڻو پوندو. هڪ ٽ??ئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي شرمناڪ، المناڪ ۽ اف??وس??اڪ واقعن ??ان??وءِ آئون انهن جي منفي اثرن ۽ نتيجن بابت سوچي رهيو آهيان. جيترو آئون ان ڪاري ڏينهن بابت سوچيان ٿو ايترو ئي منهنجي ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ته اسان پاڪستان جي ن??ريي جا پاڻ ئي دشمن بڻجي ويا آهيون. وزيراعظم چيو ته عوام کي ورهائڻ ??ان??وءِ عمران نيازي رياستي ادارن جي توهين جي ڪوشش ۾ لڳي ويو جڏهن ان جي حڪومت حاصل ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون ته هو پنهنجي نفرت انگيز بيانيي ۽ شرپسندن جي جٿن سان پاڪستان جي رياست تي حملي آور ٿي ويو. ان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته نظريه پاڪستان ان جي ن??پاڪ ۽ خودغرضي سان ڀرپور ارادن کان ڪيترائي ڀيرا متعبر ۽ سگهارو آهي. انشاءَ الله عمران نيازي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.