لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم ر??ي سنڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌا??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جڏهن ته بادشاهه چارلس ۽ برطانيا جي وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دولت مشترڪه مل??ن جي اڳواڻن جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽي ۽ وزيراعظم ر??ي سنڪ سان ملاقات ۾ نئين بادشاهه جي تاج پوشي جي ت??ري??ن جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري ت??ري??ن جي لاءِ شاندار انتظامن تي ٻنهي برطانوي شخصيتن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ برطانيا جي فراخدلاڻي مدد کي پڻ ساراهيو ۽ ٿورا مڃيا. هن تجويز ڏني ته ٻنهي ملڪن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌا??ڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم هڪ گڏيل ڪميشن قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن جي سربراهي ٻنهي مل??ن جا سربراهه ڪن. بادشاهه چارلس ٽي ۽ برطانوي وزيراعظم ر??ي سنڪ پڻ ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ برطانيا جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار جي حوالي سان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي ساراهيو.