راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پي ??ي آءِ چيئرمين عمران خان جي الزامن کي من گهڙت ۽ بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي چيو آهي ??ه ادارو ڪوڙ، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ??ي آءِ چيئرمين بنا ثبوتن جي انتهائي بي بنياد الزام لڳايا آهن، حاضر سروس فوجي آ??يس??ن تي بنا ثبوتن جي الزام انتهائي غيرذميوارڻا ۽ بي بنياد آهن، گذريل هڪ سال کان فوجي ۽ انٽيلي جنس اهلڪارن کي چڙ ڏياريندڙ ۽ سنسني خي?? پروپيگنڊا ذريعي سياسي مقصدن لاءِ نشانو بڻايو پيو وڃي، لاڳاپيل اڳواڻن کي چئون ٿا ته هو ڪوڙا الزام لڳائڻ بند ڪن ۽ قانوني رستي جو سهارو وٺن. ادارو واضح طور تي ڪوڙن، غلط بيانن ۽ پروپيگنڊا خلاف قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکي ٿو.