اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريق?? ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير مسگانو اريگا جي وچ ۾ وفدن جي سطح ت?? ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي ڳالهه ??ولهه ??ي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل رات ??راچي ۾ پنهنجي ايٿوپين هم منصب سان گڏ ايٿوپين ايئرلائينز جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏام شروع ٿيڻ سان پاڪستاني واپارين کي آفريق?? ملڪن ۾ نئين منڊين تائين پهچ جي لاءِ آساني ٿيندي. هن چيو ته آفريقي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جو سفارت??ان?? قائم ڪرڻ جي به آجيان ڪئي. هن چيو ته سندس ناني ذوالفقار علي ڀٽو ايٿوپيا ۾ پاڪستان جو سفارت??ان?? کوليو هو.