اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع ج?? بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ڊيجيٽل پاڪستان بابت سائبر سيڪيورٽي منصوبي جي لاءِ 54 ڪروڙ 80 لک رپيا رکيا ويا آهن. ان منصوبي جو ??قص?? ڊيٽا چوري ۽ ٻين حوالن سان سيڪيور??ي کي مستحڪم بڻائڻ آهي. اهو منصوبو ڊي ڊي ڊبليو پي 31 مارچ 2021ع تي منظور ڪيو هو جنهن جو مجموعي ڪاٿو هڪ ارب 92 ڪروڙ 28 لک 64 هزار رپيا لڳايو ??يو هو. حڪومت اهو منصوبو پنهنجي وسيلن سان مڪمل ڪندي.