اسلام آبا?? -10 جون (اي پي پي) ناڻي۽ محصولن واري وفاق?? وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته 3.5 سيڪڙو اقتصادي اوسر جو هدف عمل جوڳو ۽ حاصل ڪرڻ جوڳو آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ مالي سال 2024ع لاءِ پاڪستان جي اوسر واري شرح جو هدف 2 سيڪڙو لڳايو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ساڍا 3 سيڪڙو، بلومبرگ 4 سيڪڙو ۽ فچ به 4 سيڪڙو جي اوسر واري شرح جو ان??ازو لڳايو آهي. ناڻي وار?? وزير چيو ته ا??تصادي اوسر سميت اهم شعبن جا هدف حقيقت پسنداڻا ۽ عمل جوڳا آهن.