اسلام اباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته هلندڙ سال معاشي ترقي جو هدف 3.5 سيڪڙو رکيو ويو آهي. مجموعي محصول 12163 ارب رپيا آهن جن مان 9200 ارب رپيا ايف بي آر ۽ 2963 ارب رپيا ن??ن ٽيڪس ??وي??يو جي مد ۾ حاصل ٿيندا. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته مجموعي فيڊرل ??وي??يو جو ڳاڻيٽو 14463 ارب رپيا آهي، جنهن مان 7301 ارب رپيا مارڪ اپ جا شامل آهن. بچاءَ لاءِ 1804 ارب رپيا رکيا ويا آهن. پينشن جي مد ۾ 761 ارب رپيا ۽ جاري خرچن لاءِ 714 ارب رپيا آهن. وفاق?? حڪومت جو مجموعي ??سا??و 7573 ارب رپيا هوندو، ??سا??و 9 سيڪڙو کان گهٽجي 7 سيڪڙو جي شرح تي ??چي ويو آهي. پرائمري بئلنس 380 ملين ڊالر آهي، جيڪو جي ڊي پي جو 0.4 سيڪڙو بڻجي ٿو. مجموعي جي ڊي پي 105 ٽريلين رپيا هوندو.