ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته بائيپر جواءِ طوفان ۾ بچاءُ لاءِ احتياط کانسواءِ ڪوبه حل ناھي، طوفان جو اطلاع ملندي ئي سنڌ جي وڏي وزير اُنھن علائقن جو دورو ڪيو، جن جي متاثر ٿيڻ جو خ??شو آھي. سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته ڪراچي ۾ ماڻھو ڪوشش ڪن ته گھرن کان غير ضروري طور ٻا??ر نه نڪرن، ماڻھن کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪيو ويو آھي ۽ ماڻھن جي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقلي جو سلسلو اڃا به جاري آھي. ھن چيو ته سامونڊي علائقن ۾ رھندڙ ماڻھن کي ا??يل آھي ته اُھي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ احتياط ڪرڻ جي ??رورت آھي، ڪلائوڊ برسٽ به ٿي سگھي ٿو، ڪوبه شخص تفريح لاءِ سمنڊ جو رُخ نه ڪري، عوام حڪومت سان سھڪار ڪري. ھن چيو ته وڏي وزير مراد علي شاھ سامونڊي طوفان جي ??والي سان سمورن لاڳا??يل ادارن کي الرٽ رھڻ جو چيو آھي، سمورن اسيمبلي ميمبرن جو فرض آھي ته اُھي عوام جي مشڪلاتن جي ??ل لاءِ ٻا??ر نڪرن۔