اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??حريڪ انصاف جي پنهنجي ماڻهن پاناما سازش کي بي نقاب ڪيو، سازشي ڪردارن هڪ نالائق کي مڙهي ملڪ کي تباهي طرف ڌڪيو، ملڪ جي مسئلن جو حل رڳو نواز ??ريف وٽ آهي، ان کي پاڪستان جي ع??ام ووٽ ڏئي ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو، نواز ??ريف دور ۾ معيشت مستحڪم ٿي، ع??ام کي سي پيڪ جو تحفو ڏنو، ملڪ جي وڏي خدمت ڪندڙن سان وڏي زيادتي ٿي، جيڪي شڪليون ۽ ڪردار اڄ ملڪ ساڙي رهيا آهن، اهي 14 – 2013ع ۾ سي پيڪ منصوبو روڪڻ جي لاءِ ڪنٽينر تي بيٺل هئا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ڄ 5 جولاءِ جو ڏينهن آهي ۽ اڄ جي ڏينهن هڪ آمر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي راتاهو هڻي جمهوريت جو قتل ڪيو هو، اڄ ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد جي ورسيءَ جو به ڏينهن آهي ۽ اڄ سي پيڪ جا 10 سال به مڪمل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ??ي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي قيادت جو خطي ۽ پاڪستان جي ع??ام جي لاءِ تحفو آهي، اهو منصوبو قائد نواز ??ريف ۽ صدر شي جن پنگ جو ويزن آهي. هن چيو ته ??ي پيڪ منصوبي پاڪستان کي 2013ع کان 2018ع تائين هر شعبي ۾ ترقي ڏني پر گذريل چار سالن ۾ هڪ سازشي، ناا??ل، نالائق ۽ چور ملڪ کي رڳو تباهي طرف ڌڪيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز ??ريف اتحادي حڪومت سان گڏجي گذريل هڪ سال دوران ملڪ جي معاشي تباهي، بدحالي، بيروزگاري، لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته ??ازشي عنصرن هڪ ناا??ل، نالائق ۽ چور کي ملڪ تي مڙهيو، اها ڪهاڻي رڳو چار سال جي نه آهي، ان جي شروعات 2013ع ۾ ٿي چڪي هئي. 2013ع ۾ به ملڪ جي اندر مهانگائي، دهشتگردي، بيروزگاري هئي، ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو ۽ ماڻهن سمجهي ورتو هو ته ملڪ جي مشڪلاتن جو حل رڳو نواز ??ريف وٽ آهي، ع??ام نواز ??ريف کي ووٽ ڏئي ٽيون ڀيرو وزيراعظم چونڊيو، ان وقت پاڪستان هڪ مشڪل ٻه واٽي تان گذري رهيو هو، نواز ??ريف ملڪ ۾ سياسي استحڪام جو بنياد رکيو، صوبن ۾ اڪثريت رکندڙ پارٽين کي اتي حڪومتون ٺاهڻ جو موقعو ڏنو، نواز ??ريف ٽن سالن ۾ ملڪ جي خراب صورتحال بدلائي هئي. هن چيو ته ??يڪي ڪردار اڄ ملڪ ساڙي رهيا آهن ۽ معاشي تباهي پيدا ڪري رهيا آهن، اهي ئي ڪردار 14 – 2013ع ۾ سي پيڪ منصوبو روڪڻ جي لاءِ ڪنٽينر تي هئا. 2013ع ۾ پي ٽي آءِ ملڪي استحڪام جي خلاف سازش ۾ مصروف هئي، سي پيڪ جو منصوبو شروع ٿيندي ئي سازشي عنصر متحرڪ ٿي ويا هئا. هن چيو ته ??ڏهن صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي دوري جي خبر آئي ته هڪ شخص ملڪ جي ترقي جي خلاف ڪنٽينر تي بيٺل هئا، ان شخص سول نافرماني جي تحريڪ جي ڪال ڏني، سي پيڪ منصوبي تحت توانائي جا منصوبا لڳڻا هئا، روزگار پيدا ٿيڻو هو ۽ اهو شخص ان منصوبي جي خلاف بيٺل هو. هن چيو ته ??ڄ اهو شخص آءِ ايم ايف جي پروگرام تي رڙيون ڪري رهيو آهي جڏهن ته ??هو پروگرام اسان نه آندو هو، ان تي اسان صحيحون نه ڪيون هيون. هن چيو ته نواز ??ريف ملڪي معيشت کي استحڪام ڏنو، آءِ ايم ايف کي خُدا حافظ چيو، 2017ع ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن ٿي چڪو هو. هن چيو ته ملڪي تاريخ جو واحد آءِ ايم ايف پروگرام هو جيڪو نواز ??ريف جي دور ۾ مڪمل ٿيو. نواز ??ريف ملڪ جي نوجوانن کي خودمختيار بڻائڻ چاهيندو هو هو ملڪ جي اندر آءِ ٽي، زراعت، روانگي واپار کي فروغ ڏيڻ چاهيندو هو، ان جو ويزن ملڪي معيشت کي مستحڪم بڻائڻ هو ۽ اهو ڪم هن ڪري ڏيکاريو، رڳو نعرا نه لڳايا. هن چيو ته ملڪ جي اندر 2013ع کان 2017ع تائين 14 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي دهشتگردي جي خاتمي جا آپريشنز شروع ڪيا جڏهن ته ٻئي طرف ترقي جي منصوبن کي روڪڻ جي لاءِ هڪ شخص ڪنٽينر تي بيٺل هو. مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جي وڏي خدمت ڪندڙ سان وڏي زيادتي ڪئي وئي، پاناما جو فيصلو اقامي ۾ تبديل ٿيو. هن چيو ته نواز ??ريف جي خلاف ان لاءِ سازش ڪئي پئي وئي ته هو ع??ام کي روزگار ۽ ڪاروبار ڏئي رهيو هو، ملڪ مان اونداهين جو خاتمو ڪري رهيو هو. اڄ پي ٽي آءِ جا ماڻهو به ان ڳالهه جي گواهي ڏئي رهيا آهن ته نواز ??ريف سان زيادتي ٿي. پريس ڪانفرنس دوران اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ حامد خ??ن جي نجي ٽي وي چينل سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو وڊيو ڪلپ شيئر ڪندي چيو ته ??هڙي طرح جي ڳالهه ٻولهه شيخ رشيد ۽ اعجاز ??اهه به ڪئي هئي جن جو مسلم ليگ (ن) سان ڪو تعلق نه هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاناما کي اقامي ۾ تبديل ڪري نواز ??ريف کي نااهل ڪيو ويو جيڪا ملڪ جي ع??ام سان دشمني هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مران خان جي حڪومت آءِ ايم ايف جي مشڪل شرطن تي صحيحون ڪري ملڪ کي آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري وئي، ملڪي ساک کي تباهه ڪيو، ٻيهر کان لوڊشيڊنگ شروع ڪئي. هن چيو ته هڪ طرف سموريون قوتون نواز ??ريف کي زيرو ڪرڻ جي چڪر ۾ هيون پر مڪافات عمل آهي جيڪي ماڻهو اهو ڪري رهيا هئا اڄ انهن جي منهن تي چماٽ پئجي رهيا آهن. اهي ڪنهن پبلڪ ايريا ۾ نه ٿا وڃي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جي ع??ام سمجهي ٿي ته ??يڪڏهن ڪو شخص هن ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿو ته ??ن جو نالو نواز ??ريف آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز ??ريف پنهنجي مٿان لڳندڙ هر الزام تي قانون آڏو پيش ٿيو. نواز ??ريف 150 کان وڌيڪ پيشيون ڀوڳيون. هن چيو ته ??ڄ هڪ طرف ملڪ کي ترقي ڏيندڙ، ع??ام جي خدمت ڪندڙ، ع??ام کي روزگار ڏيندڙ، ڪاروبار ڏيندڙ شخصيت آهي ۽ ٻئي طرف ناا??ل، فراد، چور ۽ ڪرپٽ شخص آهي جنهن ملڪ کي باهه ڏني، ملڪ جي ترقي کي منفي ۾ وٺي ويو، نوجوانن جو روزگار کسيو، ملڪ کي قرضن جي بار هيٺ دفن ڪيو، سي پيڪ کي منجمند ڪيو. هن چيو ته ??سان 14 مهينن جي مسلسل محنت سان آءِ ايم ايف جو معطل پروگرام بحال ڪيو، اهو خالي آءِ ايم ايف جو پروگرام نه هو، اهو ملڪ جي ساک ۽ اقتصادي بحالي جو پروگرام هو. هن چيو ته گذريل حڪومت سي پيڪ منصوبو بند ڪيو، چين کي ناراض ڪيو، سي پيڪ منصوبي ۾ ڪرپشن تي بيان ڏنا ويا. هن چيو ته هڪ سال جي سي وي جي چار سال جي سي وي سان ڀيٽ نه ڪئي وڃي ته وزيراعظم شهباز ??ريف ملڪ جي معيشت کي ٻيهر استحڪام ڏنو آهي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??مران خان جڏهن گرفتار ٿيو ته ??هيدن جون يادگارون ساڙيون ويون پر ان کي گڊ ٽو سي يو چيو ويو. فارن ميڊيا کي پنهنجي انٽرويو ۾ عمران خان پنهنجي ڪافي عزت ڪرائي چڪو آهي، هر وقت ڪوڙ جي ذريعي ڪنهن کي بيوقوف نه ٿو بڻائي سگهجي. هن چيو ته ??ن جي چوري جون ڪهاڻيون اسان وٽ اچي چڪيون آهن اسان قانون جي حوالي ڪيون. هن چيو ته ??اچ جو جواب بالٽي، دٻي ۽ ڊسٽ بن سان نه ٿو ڏئي سگهجي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته 2013ع ۾ ملڪ ۽ ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم جي خلاف سازش ٿي، اصل ۾ اها سازش پاڪستان جي 22 ڪروڙ ع??ام سان ظلم هو، اهڙن ڪردارن کي پاڪستان جي ع??ام ڪڏهن به معاف نه ڪندي.