اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چ??و آهي ته سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيون، ايل اين جي جي سپلائي ۾ خلل آيو آهي، پاور پلانٽس کي گئس جي فراهمي جو متبادل انتظام ڪيو ويو آهي، بجلي جي بحالي لاءِ ٻين ڪمپنين کان به ٽيمون حيسڪو جي علائقن ۾ موڪليون پيون و??ن، اسان جي ڪوشش آهي ته گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ گه?? کان گه?? ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چ??و ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي ک??ن اڃان تائين بجلي جي پهچ ۾ ڪو خلل ناهي آيو، ٺٽو، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن جو سلسلو آهي جيڪڏهن فلائيٽ ملي وئي ته اڄ شام جو آئون پاڻ سنڌ روانو ٿيندس. خرم دستگير چيو ته پاور ڊويزن جي سيڪريٽري سان گڏ ٻين ٽن سينئر آفيسرن کي سنڌ موڪليو پيو وڃي، طوفان سبب متاثر علائقا حيسڪو جي علائقي ۾ آهن، طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻين ڪمپنين کان ٽيمون موڪلي رهيا آهيون. هن چ??و ته لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد، ملتان ۽ سکر کان ٽيمون پهچنديون. 2 هزار ماڻهن تي ٻڌل بجلي نظام ۾ بهتري لاءِ اهلڪار موڪلي رهيا آهيون، 2 هزار اهلڪارن کي موڪلڻ هڪ قومي ڪوشش آهي، ٻوڏ دوران به پاور ڊويزن بهترين ڪم ڪيو هو، هن چ??و ته اڃان تائين اندازو ناهي ته هن طوفان جا اثر ڪهڙا هوندا، طوفان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان پوري طرح تيار آهيون، اڃان تائين ايل اين جي جي سپلائي ۾ رنڊڪ آئي، ايل اين جي سپلائي ۾ رنڊڪ سان پاور پلانٽس کي گئس جي فراهمي رڪجي وئي آهي، گئس جي سپلائي لاءِ متبادل جو انتظام به ڪيو ويو، ڪي اليڪٽرڪ کي گئس جي فراهمي لاءِ انتظام ڪيو ويو آهي، گئس سپلائي ۾ رنڊڪ سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ هڪ ڪلاڪ جو اضافو ٿيندو، طوفان سبب ايمرجنسي جي صورتحال چئن ڏينهن تائين رهي سگهي ٿي، ڪجهه علائقن ۾ شايد اسان کي انساني جانين جي تحفظ لاءِ بجلي بند ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، هن چ??و ته جيڪڏهن 90 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کان و??يڪ هوا هوندي ته ونڊ مان پيداوار گه?? ٿيندي، اهو سڀ ڪجهه اڃان تائين امڪانن ۾ آهي في الحال سڌو سنئون ڪا اهڙي صورتحال ناهي، جيڪڏهن ايل اين جي نه هجڻ سبب اثر پوي ٿو ته 15 سئو ميگاواٽ جو شارٽ فال اچي ها، ڪراچي کي هاڻي گئس فراهم ڪئي آهي ته شايد اثر پوندو، اسان جي ڪوشش هئي ته گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ گه?? کان گه?? ٿئي، ڪوشش به آهي ته گرمي جي موسم ۾ شهري علائقن ۾ 4 ڪلاڪ کان و??يڪ لوڊشيڊنگن ه ٿئي، وفاقي وزير ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صارفين تي بار گه?? کان گه?? پوي. ملڪ ۾ بجلي جي پيدوار 41 هزار ميگاواٽ تائين آهي، جڏهن ته اڪثر ڪارخانا مهانگي بجلي پيدا ڪن ٿا ته ڪوشش آهي ت?? متبادل ۽ سستي نظام تي وڃون.