اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عم??درآمد جاري رکندي، حڪومتي ??رچ گهٽ ڪرڻ، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري جي ر??هه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سميت اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ناڻي، توانائي ۽ ڪامرس وارن نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جو اڄ پهريون ڏينهن هو، ان اجلاس جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ٽن وڏن مقصدن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڄ ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي ??رچن ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪاري جي عم?? کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين مسئلن تي ??ور ٿيو. هن چيو ته حڪومتي ??رچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عم??ي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري جي حوالي سان رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ به بهتري آندي ويندي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ۽ انهن تي عم??درآمد جاري رکندي. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت جيڪي فيصلا ڪري وئي آهي، اسان جي قانوني ر??ءِ اها ئي آهي ته اسان انهن تي عم??درآمد ڪنداسين. ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي حوالي سان سوال تي ??طلاعات و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اجلاس جاري آهي، اڄ پهريون ڏينهن هو، ان جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو، ان ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سمورا تفصيل ميڊيا آڏو اچي ويندا.