اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس ج??لا??ي منگوليا جي نائب وزيراعظم سين بويان سان تبت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي ٽوئيٽ موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن ۽ خاص طور تي کاڻين جي کوٽائي، زراعت ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن ۾ واپاري ۽ اق??صادي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.