بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران اڱاري ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چين جي ٿنڪ ٽينڪس ۽ اسڪالرز جي وف?? سان ملاقات ڪندو. هو روس جي صدر ولاديمير پ??وٽ??، ڪينيا جي صدر وليم روٽو ۽ سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان پڻ ملندو. نگران وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي دعوت تي ”ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم“ شريڪ عالمي اڳ??اڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.