اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان ۾ 60 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ۾ مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. ان سوال تي ته ڇا ايس آئي ايف سي جي ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان ۾ 60 بلين ڊالر تائين جي سيڙپڪاري ڪرڻ جون رپورٽون حقيقت پسنداڻيون آهن، نگران وزيراع??م چيو ته واقعي ائين ئي آهي، بلڪه اها شايد ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي غيرملڪي سيڙپڪارن جي ڪنهن به قسم جي خدشن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ”ون ونڊو آپريشن“ جي طور تي ڪم ڪندي. نگران وزيراع??م چيو ته ٻن يا ٽن شعبن تي اڳ ۾ ئي ڌيان مرڪوز آهي، جن مان هڪ ڊالرز جي منتقلي آهي جيڪو ڪنهن به غيرملڪي سڌوسنئون سيڙپڪاري اداري جو مطالب?? آهي، اهو بيمه شده ۽ قانوني طور تي محفوظ آهي. نگران وزيراع??م چيو ته بيوروڪريٽڪ ڳاڙهي ڦيٿي جي مسئلي تي پڻ ڌيان ڏنو وي?? آهي، ايس آءِ ايف سي جي پليٽ فارم تي ون ونڊو جو موقعو بنيادي طور تي ان مقصد جي لاءِ تيار ڪيو وي?? آهي ته اسان کي انهن سمورين بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ 15 ڏينهن جي اندر ٻاهرئين ملڪ مان ڪنهن به سيڙپڪاري جي اجازت ڏيڻ جي پوري عمل کي مُناسب بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي پ??يٽ فارم تحت تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تي اتفاق ڪيو وي?? آهي، اهو ڪافي حوصلي جوڳو ۽ سازگار آهي، جيڪو سمورن ٻاهرئين ڌرين جي لاءِ قابل قبول آهي، ان ۾ تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تي ڌيان ڏنو وي?? آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت کي اميد آهي ته ڊسمبر تائين سعودي عرب مان سون ۽ ٽامي جي کاڻين جي کوٽائي جي دنيا جي سڀ کان وڏي منصوبن مان هڪ ريڪوڊڪ ۾ شيئرز خريد ڪرڻ جي لاءِ هڪ معاهدو ٿي ويندو. نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان سعودي آڇ تي ڪافي پرجوش آهيون ۽ اسان انهن جي شر??ت جي نه رڳو ان منصوبي ۾ پر ٻي صورت ۾ پڻ حوصلا افزائي ڪنداسين. هن چيو ته اهو ڳالهين جو حص?? آهي، جيڪو ٽنهي ڌرين جي وچ ۾ ٿي رهي?? آهي ۽ ڏسون ٿا ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو. آگسٽ ۾ پاڪستان اسلام آباد ۾ پنهنجي افتتاحي کاڻين جي کوٽائي ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي عملدارن جي ميزباني ڪئي جتي بيرڪ جا عملدار پڻ موجود هئا. بيرڪ ۽ سعودي عرب جي کاڻين جي کوٽائي ڪندڙ سرڪاري ڪمپني گڏيل طور تي جده ۾ ٽامي جو هڪ پراجيڪٽ هلائين ٿيُون.