راولپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي مي??ان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگ??ي ٿي. هو اسٽرائيڪ ڪور جي ڪور سطح جي اجتماعي تربيتي مشق جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. مشق جو مقصد جارحاڻي آپريشنل تصور کي جانچڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جديد ترين وي ٽي-4 ٽينڪن سان ليس آرمڊ فارميشن جي قيادت ۾ ڪيل پيچيده مشقن جو هڪ متاثر ڪندڙ مظاهرو به ڏٺو. جنرل سيد عاصم منير مشق ۾ حصو وٺندڙ فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، عملي ڪارڪردگي ۽ پيشيواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ڊگهي م??ي وارن خطرن جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي تياري ۽ ذهني صلاحيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن تيزي سان بدلجندڙ خطرن جي ماحول کي نظر ۾ رکندي مختلف هٿيار حاصل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن رات جي آپريشنز ۾ حاصل مهارت جي به واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي، مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي مي??ان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئي سگ??ي ٿي. ان کان اڳ آمد تي ??مانڊر منگلا ڪور آرمي چيف جو استقبال ڪيو.