ڪراچي – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي، ڪم ڪار وارين جاين تي سازگار ماحول ??ان خصوصي ماڻهو پنهنجو صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايمپلائيرز فيڊريشن آف پاڪستان جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن گورنر هائوس ۾ مجيد عزيز جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي بزنس ڊس ايبلٽي نيٽ ورڪ قائم ڪرڻ بابت ٻڌايو. وفد پيشيواراڻي سيفٽي، صنفي برابري ۽ ليبر مارڪيٽ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي ??ان فيڊريشن جي ڪردار بابت پڻ آگاهه ڪيو. صدر چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪر??ون پيدا ڪرڻ جي لاءِ تعاون ڪرڻ گهرجي، معذوري جو شڪار ماڻهن جي معاشي سرگرمين ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي ??هي. صدر چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي سازگار ماحول ??ان خصوصي ماڻهو هڪ جهڙي طور تي پنهنجون صلاحيتون مڃرائي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي خصوصي ماڻهن جي شموليت ۽ ان حوالي ??ان شعور ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، تازن سالن ۾ روزگار ??ان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو ??هي. صدر چيو ته ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسمينٽ جا خاتمي جا قانون ۽ بهتر ماحول روزگار ??ان لڳل عورتن جي انگ ۾ اضافي جو سبب ??هي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ نوڪر??ون ۽ روينيو پيدا ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آهي، فيڊريشن انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي. صدر هنرمند افرادي قوت جي پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ قبوليت جي لاءِ نيشنل اسڪلز پاسپورٽ پروگرام کي پڻ ساراهيو. هن معذور ماڻهن جي ورڪ فورس ۾ شموليت تي ڌيان ڏيڻ تي فيڊريشن جي ڪوششن کي ساراهيو.