اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان تي انگريزي خبرنامو پڙهي هڪ نئين تاريخ لکي ڇڏي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان تي ٻپهر هڪ وڳي جو خبرنامو پڙهي اهو پيغام ڏنو ته حڪومت ريڊيو کي هڪ اهم اطلاعات جي ذريعي طور ڏسي ٿي. نگران وفاقي وزير جو اهو قدم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته حڪومت ريڊيو جي نشريات کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جو اهو قدم ريڊيو پاڪستان کي هڪ قومي نشرياتي اد??ري طور مضبوط ۽ پاڪستان ۾ ڊيجيٽل ريڊيو جي نشر ۽ اشاعت کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان جي پوڊ ڪاسٽ پروگرام ۾ به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته حڪومت ريڊيو پاڪستان کي مضبوط ۽ ان کي رابطي جو هڪ وڌيڪ موثر ۽ م??حرڪ ذريعو بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حڪومت ڊيجيٽل ريڊيو جي نشريات کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان قومي نشرياتي اد??رو آهي جنهن جي ڊگهي ۽ شاندار تاريخ آهي. ريڊيو پاڪستان سدائ??ن قومي يڪجهتي ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۾ قائداڻو ڪردار اد?? ڪيو آهي. واضح رهي ته ريڊيو پاڪستان ملڪ جو سڀ کان پراڻو ۽ سڀ کان وڏو نشرياتي اد??رو آهي، جنهن جو مختلف زبانون ڳالهائيندڙ ٻڌندڙن جو هڪ وڏو انگ آهي. ريڊيو جو عالمي ڏينهن هر سال 13 فيبروري تي ملهايو وڃي ٿو.