برسلز – 22 – مارچ (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار برسلز ?? نيوڪليئر انرجي سمٽ جي موق??ي تي گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽر??چر جي وزير المازروئل سهيل سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن ۽ امڪانن جو جائزو ورتو. هنن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن خاص طور تي قابل تجديد توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير موسمياتي ڊپلوميسي ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي سا??اهيو ۽ چيو ته يو اي اي جي ميزباني ۾ ڪوپ – 28 عالمي ڌيان صاف توانائي جي هڪ آپشن جي طور تي نيوڪيلئر انرجي طرف ڇڪرايو. هن ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي ائٽمي ري اييڪٽر آپريشنز، حفاظت ۽ ريگيوليٽري انفراسٽر??چر قائم ڪرڻ جي سمورن شعبن ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت جي حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي تياري جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته پاڪستان – گڏيل عرب امارات جامع اقتصادي حصيداري جي معاهدي (سي اي پ?? اي) جي نتيجي ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. گڏيل عرب امارات جي وزير پاڪستان جي پ??هنجي دورن ۽ پاڪستان سان پراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان جي ترقي ۾ حصيدار رهندو.