اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي آ??ي. ??ابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم ادارن جي نجڪاري جا معاملا اڪلائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آ??ي. ??ميٽي جو نالو ”نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي“ (سي سي او پي) هوندو. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ نجڪاري ڪميشن جي سفارش تي يا ڪنهن ٻئي طريقي سان سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي نجڪاري جي منظوري ڏيڻ، نجڪاري جي عمل بابت بين الوزارتي معاملن تي پاليسي فيصلا ڪرڻ، نجڪاري جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي نگراني ڪرڻ، نجڪاري ڪميشن کي نجڪاري جي عمل يا ان بابت ڪنهن به ٻئي معاملي بابت رپورٽون/ معلومات/ ڊيٽا گڏ ڪرائڻ جي هدايت ڏيڻ، نئين سر ڍانچي، ريگيوليٽري ادارن ۽ نجڪاري فنڊ اڪائونٽ سان لاڳاپيل معاملن تي پاليسي فيصلا ڪرڻ، نجڪاري جي جاري سرڪاري ملڪيت وارين ڪمپنين جي لاءِ ريف??نس پرائس جي منظوري ڏيڻ، ڪامياب ٻولي لڳائيندڙن جي منظوري ڏيڻ، نجڪاري ڪميشن جي سفارشن تي غور ڪرڻ ۽ انهن جي منظوري ڏيڻ، نجڪاري ڪميشن بابت ڪو ٻيو ڪم حوالي ڪرڻ شامل آ??ي. ??ميٽي جو چيئرمين ناڻي وارو وفاقي وزير هوندو. ميمبرن ۾ پرڏي??ي وزير، واپار و??رو وفاقي وزير، توانائي وارو وزير، صنعت ۽ پيداوار و??رو وزير، نجڪاري وارو وزير جڏهن ته ڪميٽي جي خصوصي دعوت تي شريڪ ميمبرن ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، توانائي، واپار، مواصلات، ناڻي، صنعت ۽ پيداوار، قانون ۽ انصاف، پيٽروليم، منصوبابندي، نجڪاري ڊويزن وارا وفاقي سيڪريٽري اجلاس ۾ شريڪ ٿي سگهندا.