داسو – 01 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ڪم ??ندڙ چيني شهرين جي هر ممڪن تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته چيني دوست پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، انهن جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي، اسان انهن جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين، بشام واقعي جي پٺيان پاڪستان جي دشمنن جو هٿ آهي، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي قرار واقعي سزا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بشام واقعي جي ڏس ۾ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ??ندڙ چيني انجنيئرز ۽ ماهرن سان تعزيت ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ داسو جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي ??زي?? انجنيئر امير مقام، واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سجاد غني، چيني سفير جيانگ زائيڊونگ، چيني ڪمپني جا ميمبر ۽ سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي بشام واقعي ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻجندڙ چيني انجنيئرز جي ياد ۾ 30 سيڪنڊ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ??زي??اعظم ان موقعي تي چيني انجنيئرن سان ملاقات پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو ته چيني ڀينرن ۽ ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو آهي. 26 مارچ تي بشام ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي تي چيني انجنيئرز ۽ ورڪرز سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن ۾ 5 چيني انجنيئرز ۽ هڪ پاڪستاني فوت ٿي ويا. ??زي??اعظم چيو ته بشام واقعو دهشتگردن جو بزدلاڻو فعل هو جنهن جو مقصد پاڪستان ۽ چين جي غيرمعمولي دوستي کي متاثر ڪرڻ هو، اهو فعل پاڪستان جي دشمنن جو آهي. اسان جا دشمن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏينهون ڏينهن مستحڪم ۽ وسيع ٿيندڙ دوستي کي متاثر جي لاءِ ڪو به موقعو هٿ مان وڃائڻ نه ٿا ڏين ته جيئن چين ۽ پاڪستان جهڙن آئرن برادرز جي دوستي ۾ رڪاوٽ وجهي سگهجي. هن چيو ته هو هتي موجود چيني شهرين جي چهرن تي پنهنجي ساٿين جي جدائي ڏک ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته هو يقين ڪرائي ٿو ته پاڪستان حڪومت هتي ڪم ??ندڙ چيني شهرين ۽ انهن جي خاندانن جي سيڪيورٽي جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي ۽ هر ممڪن قدم کنيا ويندا ته جيئن اڳتي اهڙي قسم جا واقعا نه ٿين. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ??ندڙ چيني هڪ خوشحال پاڪستان جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن جي سلامتي اسان جي سلامتي آهي، اسان انهن جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين. ??زي??اعظم چيو ته ان واقعي جي فوري پوءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ حڪومت ۽ عوام پاران چيني صدر ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان پنهنجي چيني ڀائرن کي يقين ڏياريون ٿا ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين ۽ انهن کي اهڙي سزا ڏني ويندي جيڪا هڪ مثال هوندي ۽ ڪير به مستقبل ۾ اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو. هن چيو ته ان واقعي جي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي جنهن جي سفارشن تي اسان بنا وقت ضايع ڪرڻ جي ان جي روح موجب ڪارروائي ڪنداسين. ??زي??اعظم چيو ته ان کانسواءِ اعليٰ سطح جو سيڪيورٽي اجلاس پڻ طلب ڪيو جنهن ۾ ان صورتحال ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ صوبن سان بهتر رابطن ۽ اضافي گهربل سيڪيورٽي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جنهن ۾ وفاقي ??زي??ن، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ سيڪيورٽي انٽيلي جنس جي سربراهن کانسواءِ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ٻيو اجلاس منهنجي صدارت ۾ ٿيندو. داسو سميت سڄي ملڪ ۾ ڪم ??ندڙ چيني شهرين کي بهتر سيڪيورٽي فراهم ڪنداسين. ??زي??اعظم چيو ته شرپسندن کي جلد ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کي اونچي ۽ سمنڊن کان گهري ۽ دنيا ۾ مضبوط کان مضبوط تر آهي. اها دوستي انهي عزم سان اڳتي وڌندي ۽ ان دوستي، سي پيڪ ۽ چين پاڪستان لاڳاپن جي دشمنن کي شڪست ٿيندي. پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ ڳالهائيندي چيو ته حملي جي فوري پوءِ ??زي??اعظم يڪجهتي جي اظهار لاءِ چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو. ??زي??اعظم چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته ??زي??اعظم پنهنجي مصروفيتن جي باوجود چيني انجنيئرز سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ داسو جو دورو ڪيو آهي جنهن تي ??زي??اعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃون ٿا. چيني سفير چيو ته پاڪستان جي ??زي??اعظم چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي. اميد آهي ته پاڪستاني حڪومت دهشتگردي جي واقعن جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي.