اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان بئنڪنگ محتسب سراج الدين عزيز مل??قا?? ڪئي. مل??قا?? ۾ بئنڪنگ محتسب صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بئنڪنگ صارفين کي 1.26 ارب رپين جو مالي ريليف فراهم ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب جي ??ار??ردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سال 2023ع ۾ بئنڪنگ محتسب جو 25 هزار کان وڌيڪ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر اداري جي قيام کان وٺي هيستائين شڪايت ڪندڙن کي 6.4 ارب جو مجموعي ريليف ڏيڻ تي پڻ ساراهيو. صدر بئنڪ فراڊ متاثرين کي فوري انصاف جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب ماڻهن کي بنا قيمت انصاف جي فراهمي، گڊ گو??نن?? جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شڪايتن جي جلد ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪن جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪنگ محتسب جي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، بئنڪنگ محتسب بابت آگاهي سان وڌ کان وڌ ماڻهو خدمتن مان فائدو کڻي سگهندا. مل??قا?? ۾ بئنڪنگ محتسب بئنڪ صارفين جي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار ۽ ??ار??ردگي تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته بئنڪنگ محتسب تازو ئي آن لائين پورٽل جو صارف دوست نظام متعارف ڪرايو آهي، آن لائين پورٽل سان شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي داخلا ۾ آساني ٿيندي.