اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته جيل ۾ ويٺل شخص کان سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون ۽ ملڪي ترقي هضم نه ٿي رهيون آهن، مخصوص پروپئگنڊه تحت ملڪ کي 71ع وارين حالتن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، انهن جا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، انشاءَ الله پاڪستان سدائين رهندو، ترقي ڪندو، اڳتي وڌندو ۽ پنهنجو مقام ٺاهيندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي سفارتي محاذ تي ڪاميابيون ملي رهيون آهن جنهن تي الله تعاليٰ جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. هن چيو ته وزيراعظم گذريل ٻن ڏينهن ۾ ناروي ۽ آئرلينڊ جي وزيراعظمن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ناروي ۽ آئرلينڊ وچ اوڀر جي صورتحال تي پنهنجو مضبوط موقف اختيار ڪندي غزه ۽ رفح ۾ جاري ??لمن جي مذمت ڪئي ۽ جنگبندي تي زور ڏنو جيڪي جرئتمنداڻا قدم آهن ۽ وزيراعظم انهن سان رابطو ڪري ??نهن جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن سان ڳالهه ٻولهه دوران ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سدائين فلسطينين جي ڪاز جي لاءِ ??واز اٿاريندو رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم آئرلينڊ ۽ ناروي جي وزيراعظمن کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو جنهن جو تمام وڏو تاثر ويندو ته دنيا جا ڪجهه ملڪ آهن جيڪي غزه جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته گذريل پي ڊي ايم حڪومت دوران به وزيراعظم يو اين جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ فلسطينين جي حق جي ڳالهه ڪ??ي هئي جڏهن ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ پڻ وزيراعظم واضح موقف اختيار ڪيو هو ته غزه ۾ امن کانسواءِ ??نيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي جنهن تي پ??ري ورلڊ اڪنامڪ فورم جوهال تارين سان گونجي اٿيو هو. هن چيو ته اها پاڪستان حڪومت جي واضح پاليسي آهي ته اسان فلسطين ۾ امن جا خواهشمند آهيون، اسان جنگبندي چاهيون ٿا، غزه ۽ رفح ۾ ظلم بند ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان غزه جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته پائيدار امن جي لاءِ ??ل سامهون اچي. ايس آءِ ??يف سي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي امداد نه واپار گهرجي، اسان واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا. ايس آءِ ??يف سي تحت ون ونڊو آپريشن جاري ??هي، ايس آءِ ??يف سي تحت عالمي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ۽ ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ چين، قطر، يو اي اي، سعودي عرب، يورپي يونين، آمريڪا ۽ اوڀر بعيد جا ڊيسڪ شامل آهن جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ڻڻ تي ڌيان ڏيندا. وفاقي وزير چيو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ??ي لاءِ 10 ارب ڊالر مختص ڪيا آهن، ان حوالي سان يوي اي اي جي سرڪاري نيوز ايجنسي پڻ اها خبر جاري ڪئي ته اها رقم مختص ڪئي وئي آهي. سعودي عرب سان 5 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ??ي حوالي سان پڻ تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، جلد معاهدن تي صحيحون ٿينديون ۽ اهي معاهدا حتمي شڪل اختيار ڪندا. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وزيراعظم چين جو دورو به ڪندو جنهن دوران سي پيڪ جي حوالي سان معاملن کي اڳتي وڌائڻ سميت چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي خدشن کي ختم ڪيو ويندو، ان دوري ??ي ڀرپور تياري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته آءِ ??يم ايف جي وفد پڻ مثبت پريس رليز جاري ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي، اسان جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي، مهانگائي ۾ گهٽٽائي ٿي آهي جيڪا 17 سيڪڙو تي آئي آهي، اها اسان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، عالمي مالياتي رسالا ۽ ادارا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ??هيا آهن ته پاڪستان جي معيشت بحال ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي آءِ ??ي جي پرائيويٽائيزيشن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، يورپ ۽ برطانيا جي لاءِ پي آءِ ??ي جون فلائيٽس جلد بحال ٿيڻ وڃي رهيون آهن، اهي تمام سٺيون ۽ مثبت خبرون آهن، اسان جي خوش قسمتي آهي ته ايتري گهٽ عرصي ۾ اهي معاملا ايتري ??يزي سان اڳتي وڌيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي ترقي جي خلاف ڪجهه ملڪ دشمن قوتون سرگرم آهن جيڪي مخصوص پروپئگنڊه تحت ملڪ کي 71ع وارين حالتن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ??هيون آهن، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي چون ٿا ته خان نه پاڪستان نه، انشاءَ الله پاڪستان سدائين قائم رهندو، پاڪستان کي ترقي ڪرڻي آهي،اڳتي وڌنو آهي ۽ پنهنجو مقام ٺاهڻو آهي. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ پنهنجي سياسي بقاءَ کي پاڪستان جي سالميت سان ڳنڍيو آهي، پنهنجي ننڍن ننڍن مفادن جي خاطر پاڪستان جي مفادن کي داءُ تي لڳايو، هن آءِ ??يم ايف کي خط لکيو ۽ چيو ته آءِ ??يم ايف پاڪستان معاهدو نه ڪري، بار بار پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته هو اقتدار ۾ نه آهي ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي، سندس چوڻ تي ائين نه ٿيندو، آءِ ??يم ايف جي ڊيل کي سبوتاز ڪرڻ، آءِ ??يم ايف جي ٻاهر مظاهرا ڪرائڻ، پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ??ن جون ڪوششون ۽ ارادا سڀني جي سامهون آهن، هن سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??وام آڏو سائفر لهرايو ۽ ملڪ دشمن قوتن کي فائدو پهچايو، پوري ??نيا ۾ پاڪستان جي کل ٿي، اسان جي دشمنن ان تي آرٽيڪل لکيا ۽ پروگرام ڪيا. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ ??ي آڊيو موجود آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته اسان کي سائفر سان کيڏڻو آهي، ڇا قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي کيڏڻ جي لاءِ هوندي آهي؟ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ ??وست ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، انهن کان ملندڙ تحفا وڪرو ڪيا ۽ هاڻي پنهنجو پاڻ کي شيخ مجيب سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ??هيا آهن، هي اها ئي سوچ آهي ته خان نه ته پاڪستان نه. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني پي ٽي آءِ ??و اقتدار جو نشانو ختم ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، اقتدار جي د??ري کيس ملڪ جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو 1971ع جي واقعي کي غلط رنگ ۾ پيش ڪري پنهنجي ڀيٽ شيخ مجيب سان ڪري ??هيا آهن. وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ جڏهن اهي ماڻهو اقتدار ۾ آيا ته جي ڊي پي گروٿ 5.8 سيڪڙو هئي، ان جي پوري ??ور ۾ جي ڊي پي گروٿ منفي ۾ رهي. هن چيو ته هي پنهنجي دور ۾ گهڙيون ۽ مُنڊيون گڏ ڪرڻ ۾ ايترا مصروف هئا جو انهن کي معيشت ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن جي ڪا پرواهه نه هئي ۽ اڄ پنهنجو پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ??هيا آهن. هن چيو ته هي ملڪ جي بنيادن کي کوکلو ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جي خواهش هئي ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ۽ جڏهن ملڪ ڊيفالٽ کان بچي ويو ته انهن جا ارمان چُور چُور ٿي ويا، انهن جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته ملڪي سالميت کي داءُ تي لڳائي سياسي فائدو ورتو وڃي. هن چيو ته سياستدان ايندا ۽ ويندا رهندا پر پاڪستان کي سدائين رهڻو آهي، اسان جي لاءِ پاڪستان جي سالميت مقدم آهي. هن چيو ته ملڪ جي خلاف مهم هلائڻ جي فنڊنگ ڪٿان اچي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪهڙيون ملڪ دشمن قوتون شامل آهن، پوري ??نيا ڄاڻي ٿي. باني پي ٽي آءِ پاڪستان کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس وٺن جي ڳالهه ڪئي، هن 9 مئي تي فوج ۽ شهيدن جي فيمليز تي حملا ڪرايا، شهيدن جي مجسمن کي مسمار ڪرايو ۽ هاڻي 1971ع جو ذڪر ڪري پنهنجو پاڻ کي شيخ مجيب سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري ??هيو آهي، هي اهي سموريون شيون آهن جيڪي ڪڏهن مرحوم حڪيم سعيد چئي ويو هو، ڪڏهن تاريخ پڙهو ته خبر پوندي ته باني پي ٽي آءِ ??ا اصل مقصد ڪهڙا آهن، ان جو مڪروهه ۽ گهنائنو چهرو پ??ري قوم ڏسي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته جيل ۾ ويٺل شخص کان سفارتي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون، دوست ملڪن سان سيڙپڪاري، غزه ۽ رفح تي مضبوط موقف سميت ملڪي ترقي هضم نه ٿي رهي آهي ڇو ته هي پنهنجي دور ۾ اهي سڀ شيون نه ڪري ??گهيا ۽ هاڻي ڪنهن ٻئي کي ڪندي ڏسي نه ٿا سگهن ۽ هاڻي پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪرڻ تي لهي آيا آهن، انهن جي چوڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، انشاءَ الله پاڪستان ترقي ڪندو رهندو. هن چيو ته ملڪ معاشڊي استحڪام جي راهه تي گامزن آهي، شهباز شريف جي حڪومت ملڪي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ??هي آهي ۽ ڪندي رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ رياض 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ جي جانچ ۾ شامل ئي نه ٿي ته ان تي دٻاءُ ڪنهن ڳالهه جو آهي، شامل تفتيش هجڻ وارا ئي وعده معاف گواهه بڻجي سگهن ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم فلسطين جي حوالي سان عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪئي، فلسطين جي ڪاز جي لاءِ هر جڳهه تي آواز اٿاري ??هيا آهيون. بجيٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ ريليف جي فراهمي وزيراعظم جي اولين ترجيح آهي، بجيٽ تي تفصيلي بريفنگ ٿيندي. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم جو واضح موقف آهي ته اسان کي امداد نه واپار ۽ سيڙپڪاري گهرجي. سعودي عرب سان آءِ ٽي، مائننگ، زراعت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري ??ي حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي، معاهدن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، ان جا تفصيل تمام جلد سامهون اچي ويندا. يو اي اي سان پڻ 10 ارب ڊالر مختص ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جاري ??هي، تمام جلد ان کي عملي جامعو پارايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پابندي نگران حڪومت هن??ي هئي، اهو معاملو عدالت ۾ آهي.