اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قدرتي وسيلن مان فائدو کڻڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا آهن جن مان صحيح طور تي ف??ئدو کڻڻ ??ي ضرورت آهي، قيمتي ۽ ناياب پٿرن جي صنعت جي ف??وغ جي لاءِ ضروري قانونسازي ۽ ويليو ايڊيشن جي حوالي سان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان ۾ جيمز ۽ قيمت?? پٿرن جي شعبي جي حوالي سان اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئ??. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي اڪثر علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بي پناهه قدرتي وسيلا آهن، جن مان صحيح طور تي ف??ئدو کڻڻ ??ي ضرورت آهي. هن چيو ته قيمت?? پٿرن ۽ ان سان تيار ٿيندڙ مصنوعات جي عالمي سرٽيفڪيشن تي ڪم ڪرڻ ۽ عالمي نمائشن ۾ پاڪستان جي نمائندگي يقيني بڻائڻ ??ي ضرورت آهي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته جيمز ۽ قيمت?? پٿرن جي شعبي کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. هن وڌيڪ هدايت ڪئ?? ته جيمز ۽ قيمت?? پٿرن جي شعبي جي حوالي سان فوري طور تي حڪمت عملي تيار ڪئ?? وڃي. وزيراعظم ان حوالي سان نجي شعبي ??ي ضروري مشاورت ۽ صوبن سان به رابطا وڌائڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم جيمز ۽ جيولري ڊپارٽمينٽ ڪمپني کي فوري طور تي ف??ال ڪرڻ جي هدايت ڪندي قيمت?? پٿرن جي صنعت جي ف??وغ جي لاءِ ضروري قانونسازي جو عمل شروع ڪرڻ جي به تائيد ڪئ??. هن هدايت ڪئ?? ته قيمت?? پٿرن جي صنعت ۾ ويليو ايڊيشن جي حوالي سان تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن. اجلاس کي پاڪستان جي جيمز اسٽونز ۽ قيمت?? پٿرن جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قيمت?? پٿرن جي حوالي سان خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ميپنگ ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته جيمز ۽ ناياب پٿرن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.