اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ??ظه??ر ڪندي ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ وا??ار ۽ سيڙپڪاري کي وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفير يرزان ڪستافين ملاقات ڪئي. وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم زومارت توڪايف جي لاءِ خيرسگالي جي جذبن جو ??ظه??ر ڪيو ۽ پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ??ظه??ر ڪيو. هن چيو ته هو 3 کان 4 جولاءِ 2024ع تي شنگهائي تعاون تنظيم ج?? ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي لاءِ آستانه جي لاءِ پنهنجي ايندڙ دوري دوران صدر توڪايف سان ملاقات جو منتظر آهي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ وا??ار ۽ سيڙپڪاري کي وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ علائقائي سلامتي ۾ تعاون جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. قزاخستان جي سفير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قزاخستان جي صدر جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ وزيراعظم کي ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ جاري مختلف سرگرمين ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو.