آستانه ??? 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڄاڻي تي پڌرنامي/ آئوٽ ڪم ڊاڪيومينٽ تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم گڏيل ??وم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، ??ذربائيجان جي صدر الهام ??لي??ف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر سدير جاپروف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شنڪو سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.